جعفر علي خاصخيلي ناچيز

جعفر علي خاصخيلي ’ناچيز ‘:جعفر علي ’ناچيز‘ ولد محمد بخش عرف ڇپر خان خاصخيلي، 6 سيپٽمبر 1949ع تي پٿوري شهر جي ڀرسان اڪڙي لوهڙي ۾ جنم ورتو. هن جي تعليم انٽر آرٽس هئي ۽ ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ جو ملازم هو، کيس شروع کان ئي علم ادب ۽ عام معلومات سان دلچسپي رهي هئي، ان ڪري کيس ريڊيو پاڪستان جي ڪوئز پروگرامن ۾ حصي وٺڻ جو شوق جاڳيو، هو هڪ ئي وقت مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيندڙ معلوماتي پروگرامن ۾ حصو وٺندو هو. انهن پروگرامن ۾: ’لوچين سي لهن‘، ’سوچ ۽ لوچ‘، ’پڇن سي پسن‘، ’پڙهو ۽ پرايو‘، ’لطيف ڪوئز‘، ’سچل ڪوئز‘ ۽ ٻيا پروگرام اچي وڃن ٿا، انهن پروگرامن ۾ ڪيترا ڀيرا ڪامياب ٿي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي ۽ ڪيترا انعام حاصل ڪيائين. هن معلوماتي پروگرامن جي ٻڌندڙن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي هڪ تنظيم ٺاهي، ان ڏس ۾ پهرين ’انجمن لوچين سي لهن‘ ۽ پوءِ ’انجمن سوچ ۽ لوچ‘ جو بنياد وڌو ۽ پوءِ 20 آڪٽوبر 1989ع تي ڳوٺ احمد خان مريءَ ۾ ’ڪل سنڌ ريڊيو لسنرز ڪانفرنس‘ ڪوٺائي، دوستن جي مشوري سان ٻنهي انجمنن کي گڏ ڪري هڪ نئين انجمن ’مهراڻ معلوماتي انجمن سنڌ‘ قائم ڪيائين، جنهن ۾ متفق راءِ سان کيس صدر چونڊيو ويو.
جعفر علي کي ادب سان به چاهه رهيو. هن ’ناچيز‘ تخلص سان شاعري به ڪئي نثر ۾ ڇهه ڪتاب لکيائين، جن مان صرف هڪ ڪتاب ’آواز جي دنيا جا ساٿي عرف ماڻهو ميگهه ملهار‘ (1989ع) ڇپجي سگهيو، جنهن ۾ هن ريڊيو پاڪستان جي پروڊيوسرن، انائونسرن ۽ ڪمپيئرن کانسواءِ 115 مشهور ريڊيو ٻڌندڙ شوقينن جو تعارف ڏنو آهي. ناچيز جعفر علي خاصخيلي دوستن جي روين سبب آخري وقت ريڊيو جي دنيا کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو. دوستن جي غلط روين سندس دل تي ڪافي اثر ڇڏيو، جنهن سبب ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد هيءُ 3 اپريل 1997ع تي پنهنجي ڳوٺ احمد خان مريءَ ۾ وفات ڪري ويو. کيس امڙ جي ڀر ۾ اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ انيس الرحمان ادبي دنيا سان سلهاڙيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو